تل ابيب (م ڊ)اسرائيل ۾ حماس وٽ قيد يرغمالين جي واپسي لاءِ وڏو احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن دوران احتجاج ڪندڙن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي دارالحڪومت تل ابيب ۾ يرغمالين جي وارثن سميت لکين ماڻهن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن نيتن ياهو کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پنهنجي ڪرسيءَ بچائڻ لاءِ يرغمالين جي حياتين کي داءُ تي لڳائي پيو وڃي. هوڏانهن آمريڪا پاران اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي نئين تجويز کي حتمي شڪل ڏيڻ جون ڪوششون جاري آهن، تنهن هوندي، آفيسرن کي انهن تجويزن جي منظوري لاءِ وڏي اميد نه آهي ۽ اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته انهن تجويزن کي ڪڏهن ظاهر ڪيو ويندو.