صحت اهڙي دولت آهي، جنهن کانسواءِ ڊگهي زندگي به بار محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
جڏهن ڳالهه سٺي صحت جي هجي ته ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ايتري تائين جو ماهر به هڪ ٻئي کان ابتڙ رايا رکندا نظر اچن ٿا.
تنهن هوندي به، سمورن اختلافن باوجود سٺي صحت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهڙيون شيون آهن، جن جي سائنس مضبوط انداز ۾ تصديق ڪئي آهي.
اچو ته اهڙيون ئي بهترين صلاحون ڄاڻون، جن کي اڄ کان اختيار ڪري اوهان مختلف بيمارين کي پاڻ کان پري رکي ۽ صحتمند رهي سگهو ٿا.
ننڊ پوري ڪرڻ جي عادت
سوچو جيڪڏهن اوهان هڪ اسمارٽ فون کي 12 سيڪڙو بيٽري سان سڄو ڏينهن هلائڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڇا ٿيندو؟ ننڊ جي کوٽ سبب اسان جي جسم جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي ٿي ويندي آهي.
جسم کي آرام ۽ ٻيهر توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ننڊ جي ضرورت نه هوندي آهي، پر ننڊ دوران اسان جو دماغ نيون شيون سکڻ ۽ يادداشت کي مضبوط ڪرڻ جهڙا اهم ڪم پڻ سرانجام ڏيندو آهي.
گهڻو گهمڻ جي عادت
پنڌ ڪرڻ سان جسم ۽ دماغ ٻنهي کي فائدو پهچي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان کي روزاني جي عادت بڻائڻ گهرجي.
تحقيقي رپورٽن موجب، پنڌ ڪرڻ سان مدافعتي نظام مضبوط ٿئي ٿو، جوڙن جي بيمارين جو خطرو گهٽجي ٿو، جڏهن ته صحتمند جسماني وزن برقرار رکڻ به آسان ٿي وڃي ٿو.
مطالعو ڪرڻ جي عادت
دٻاءَ جو شڪار آهيو؟ ته هڪ ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هڪ تحقيق ۾ مان خبر پئي آهي ته روزانو 30 منٽن تائين مطالعو ڪرڻ سان ذهني دٻاءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر اهو طريقو يوگا يا مزاح جيترو ئي اثرائتو ثابت ٿئي ٿو.
مطالعي جي عادت سان دماغي صحت کي به فائدو پهچي ٿو.
هڪ تحقيق ۾ اها به خبر پئي آهي ته مطالعو دماغي صحت لاءِ مختصر ۽ ڊگهي مدي تائين فائديمند آهي، جڏهن ته عمر وڌڻ سان ٿيندڙ دماغي ڪمزوري کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو.
گهر کان ٻاهر ساوڪ ۽ کليل ماحول ۾ رهڻ جي عادت
جڏهن اوهان گهر کان ٻاهر ڪنهن ساوڪ هنڌ تي وقت گذاريو ٿا ته ان سان دماغي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي، ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي، دماغي بيمارين جو خطرو گهٽجي ٿو، جڏهن ته سماجي ميل جول پڻ وڌي ٿو.
ميوا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪريو
اوهان کي اها ڳالهه ته خبر ئي هوندي ته صحت بخش خوراڪ جو استعمال صحت کي بهتر بڻائي ٿو.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ميون ۽ ڀاڄين جو وڌيڪ استعمال بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي متوازن رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ مختلف دائمي بيمارين جو خطرو گهٽائي ٿو؟
ميون ۽ ڀاڄين ۾ وٽامنز، معدنيات ۽ ٻيا غذائي جزا وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، جن جي اسان جي جسم کي پنهنجي مختلف ڪمن لاءِ ضرورت هوندي آهي.
پاڻي وڌيڪ پيئو
اسان جي جسم جو وڏو حصو پاڻي تي ٻڌل آهي، ان ڪري روزانو مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ضروري آهي.
پاڻي پيئڻ سان جسم مان زهريلا مادا خارج ٿين ٿا، جڏهن ته جوڙن ۾ گهربل نمي برقرار رهي ٿي.
ان سان گڏ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان بي وقت بک تي ضابطو رکڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي، جنهن سان جسماني وزن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آسان ٿي وڃي ٿو.
سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو
سگريٽ ڇڪڻ کي صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو وڃي ٿو.
اها عادت دل ۽ ڦڦڙن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي، جڏهن ته جسم جي ٻين ڪيترن ئي عضون کي پڻ نقصان پهچائي ٿي.
جيڪڏهن اوهان ڊگهي ۽ صحتمند زندگي چاهيو ٿا ته اها عادت ڇڏي ڏيو.
پنهنجن پيارن سان وقت گذاريو
پنهنجن دوستن يا گهرڀاتين سان وقت گذارڻ سان زندگي ۾ خوشيءَ جو احساس وڌي ٿو ۽ دماغي بيمارين کان بچڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي.
فون کان پري رهو
يقيناً هاڻوڪي دور ۾ اسمارٽ فون يا ٻين ڊجيٽل اوزارن کان مڪمل طور پري رهڻ ممڪن ناهي، پر انهن جو استعمال محدود ڪرڻ به فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
اسمارٽ فون کان پري رکڻ سان ننڊ جو معيار بهتر ٿئي ٿو، ڊپريشن ۽ پريشاني جي علامتن جي شدت گهٽجي ٿي، جڏهن ته ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي.
اسڪرين سامهون گهٽ وقت گذارڻ سان ذهني دٻاءَ کان بچڻ ۾ به مدد ملي ٿي.
جيڪڏهن فون کان پري رهڻ ڏکيو محسوس ٿئي ٿو ته پهريان سوشل ميڊيا ايپس جو استعمال گهٽ ڪريو ۽ پوءِ ان جو فرق پاڻ محسوس ڪريو.
نئين ڪم ۾ مصروف رهو
ڪنهن نئين مشغلي کي اختيار ڪرڻ سان ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ دماغي صحت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن جسماني سرگرمي سان لاڳاپيل مشغلو اختيار ڪريو ٿا ته ان سان جسماني ۽ دماغي صحت ٻنهي کي فائدو پهچي ٿو.