انکي ڇا چئجي؟ اولاد کان ٻَني ۾ لڪائي رکيل هاري جا لکين روپيا اڏوهي کائي وئي!

ڀارتي ميڊيا موجب، رياست راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ دلچسپ واقعو پيش آيو، جتي هڪ هاريءَ هڪ سال اڳ پنهنجي زمين جو هڪ ٽڪرو 5 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو هو. هاريءَ کي خدشو هو ته سندس پٽ اهي پئسا خرچ ڪري ڇڏيندا، تنهن ڪري هن رقم گهر ۾ رکڻ بدران پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي، کڏ کوٽي ٻنيءَ ۾ لڪائي ڇڏي.

حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته همراهه ڳالهه لڪائڻ لاءِ پئسا لڪائڻ واري ڳالهه ئي وساري ڇڏي،ڪجهه مهينن کان پوءِ جڏهن کيس گهر ۾ اڏاوتي ڪم لاءِ رقم جي ضرورت پئي ته هن سڄي ٻني ڳولي، پر پئسا نه مليا. هن گهرڀاتين کي ٻڌايو ته ڪنهن کي به سندس ڳالهه تي يقين نه آيو. تنهن هوندي به گهرڀاتين گڏجي پئسا ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا.

هڪ سال کان پوءِ مينهن جي موسم دوران پئسن سان ڀريل اها ٿيلهي ٻنيءَ ۾ ترندي نظر آئي. هاريءَ جڏهن گهرڀاتين سان گڏ ٿيلهي کولي ته هو حيران ۽ پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته نوٽن کي اڏوهي کائي چڪي هئي. ٿيلهي ۾ گهڻا 500 رپين جا نوٽ هئا، جيڪي خراب ٿي چڪا هئا.

خاندان اها رقم کڻي بئنڪ پهتو، پر بئنڪ انتظاميا به ڪنهن قسم جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like