ڇوڪري جي پيٽ تي ٽرمپ کي جاڳائڻ واري بٽڻ جي وڊيو وائرل

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس ستل ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته سندس ويجهو هڪ عورت پڻ نظر اچي رهي آهي. وڊيو سان گڏ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته جڏهن عورت کي محسوس ٿئي ٿو ته ٽرمپ سمهي پيو آهي ته هوءَ ڪنهن اشاري تي پنهنجي دُن ۾ لڪايل هڪ بٽڻ کي زور ڏئي ٿي، جنهن سان ٽرمپ جاڳي پوي ٿو.

جڏهن ته فيڪٽ چيڪ مان خبر پئي آهي ته اها دعويٰ حقيقت تي ٻڌل ناهي، وائرل وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت ۽ ’بٽڻ‘ وارو منظر هٿرادو ڏاهپ جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي هڪ پراڻي ميم سان جوڙي ٻيهر سوشل ميڊيا تي ڦهلايو پيو وڃي.

You might also like