ڊارون (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 13 آگسٽ 2026ع (سڀاڻي) کان ڊارون ۾ شروع ٿيندي.
ڊارون ۾ 22 سالن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي رهي آهي، جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم 23 سالن کانپوءِ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏندي.
آسٽريلوي ٽيم ۾ پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ ۽ نٿن ليون سميت اهم رانديگر شامل آهن، جڏهن ته بنگلاديش جي اڳواڻي نجم الحسين شانتو ڪندو.