ڀارت ۾ پرويز مشرف جي خاندان جي ملڪيت ٽيڻي اگهه ۾ نيلام

اسلام آباد  (بيورو+ م ڊ ) ڀارت پاڪستان جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خانداني ملڪيت کي نيلام ڪري ڇڏيو. پرويز مشرف جي اها خانداني زمين اترپرديش رياست ۾ باغپت ضلعي جي ڪوتانه ڳوٺ  ۾ هئي جنهن کي اتان جي سرڪار 2010 تي دشمن جي ملڪيت قرار ڏنو هو.ڀارتي ذريعن موجب هڪ مقامي اعليٰ سرڪاري آفيسر ٻڌايو ته انهي زمين جي لاءِ آن لائين ٻوليون لڳايون ويون ۽ بنيادي قيمت کان ٽيڻي ٻولي لڳي. انهي زمين جي بنيادي قيمت 39 لک 6 هزار روپيه(هڪ ڪروڙ 31 لک پاڪستاني روپيه) رکي وئي هئي پر ٻولي  ٽيڻي وڌيڪ هڪ ڪروڙ 38 لک 16 هزار(ساڍا 4 ڪروڙ پاڪستاني روپين) تي ختم ٿي. زمين جو اهو ٽڪڙو اتر پرديش ۾ پرويز مشرف جي اباڻي ملڪيت هئي. ڪوتانه ڳوٺ ۾ پرويز مشرف جون ٻيون به خانداني زمينون هيون جيڪي اڳ ئي نيلام ٿي چڪيون آهن. مختلف مقامي آفيسرن تصديق ڪئي آهي ته پرويز مشرف جو ڏاڏو ڪوتانه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هن ٻڌايو ته پرويز مشرف جو والد سيد مشرف الدين ۽ والده زرين بيگم انهي ڳوٺ ۾ نه رهندا هئا پر  مشرف جو چاچو همايون ڪافي وقت تائين انهي ڳوٺ ۾ رهيو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي زمين وڪرو ڪري ملڪ ڇڏي ويو پر اها زمين ڀارتي حڪومت  پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي ۽ انهي کي دشمن جي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان جو صدر پرويز مشرف دهلي ۾ پيدا ٿيو پر اهو ڪڏهن به ڪوتانه ڳوٺ نه ويو ڇو ته ان جو خاندان 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاست وقت پاڪستان ۾ اچي آباد ٿي ويو هو. ڳوٺ وارن موجب پرويز مشرف  جا مائٽ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ 18 سالن تائين ڪوتانه ۾ ترسيل رهيا ۽ 1965ع ۾ پاڪستان هليا ويا. دشمن جي ملڪيت مان مراد اها ملڪيت آهي جيڪا ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان ويندڙن ڀارت ۾ ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.