حڪمران اڄ تائين بلوچ نفسيات کي سمجهي ناهن سگهيا، امڪاني آپريشن روڪي حق تسليم ڪيا وڃن: مقرر

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) راهشون سردار عطاءُالله مينگل جي ٽئين ورسي جي مناسبت سان ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ مختلف هنڌن تي تعزيتي ريفرنس ڪوٺايا ويا. ڪوئيٽا ۾ مک جلسو ٿيو جنهن ۾ مرڪزي وقتي =صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ، نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر مير ڪبير محمد شهي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل رحيم زيارتوال، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر اصغر خان اچڪزئي، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شعيب شاهين، دائود شاهه ڪاڪڙ، بي ايس او ميڪزي چيئرمين بالاچ قادر بلوچ، هزارا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو قادر نائل، جماعت اسلامي جو زاهد اختر بلوچ، جنرل صمند بلوچ، پي ٽي ايم اڳواڻ نور باچا، وائيس فار بلوچ مسنگ پرسن جا اڳواڻ حوران بلوچ، نصير احمد شاهنواڻي، غلام نبي مري، مجلس وحدت المسلمين جو سهيل احمد شيرازي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار قادري رحمت الله ايڊووڪيٽ، مير خورشيد جمالديني، ملڪ محمد ساسولي شريڪ ٿيا ۽ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سردار عطاءُالله مينگل کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ اڳواڻن چيو ته هن راهشون سردار عطاءُالله مينگل محڪوم قومن جي جدوجهد کي اڳتي وڌايو ۽ نيشنو عوامي پارٽي کي منظم ڪيو، ان لاءِ هن جيلن جون سختيون سٺيون. ان موقعي تي آغا حسن بلوچ ايڊووڪيٽ، ليبر سيڪريٽري موسيٰ بلوچ، مرڪزي انساني حقن جو سيڪريٽري احمد نواز بلوچ، مرڪزي ڪاميٽي ميمبر عبدالرئوف مينگل، ثنا بلوچ، مير عبدالغفور مينگل، بابو رحيم مينگل، بهادر خان مينگل، چيئرمين واحد بلوچ، ٽڪري شفت لانگو، جميلا بلوچ، ثانيا حسن ڪشاني، شمائلا اسماعيل مينگل، پروين لانگو، سردار عبدالفتح علي زئي، حاجي غلام مصطفيٰ ساسولي سميت اڳوڻي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ، اڳوڻي ميئر مقبول لهڙي، مسنگ پرسن جي ماما قدير بلوچ، ايم پي اي مير جهانزيب مينگل، اڳوڻي ايم پي ٽائٽس جانسن سميت ضلعي عهديدارن ۽ ڪارڪنن ۽ هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ موجود هئا. پارٽي جي مرڪزي وقتي صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ چيو ته بلوچ ۽ پشتون مظلوم قومون آهن، ماڻهن جي رتوڇاڻ جي مذمت ڪريون ٿا، بلوچ پشتون وطن کي ڄاڻي واڻي دهشتگردي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، موسيٰ خيل جي ڏکوئيندڙ واقعي جي جاچ ڪئي وڃي، اهڙن واقعا برداشت جوڳا نه آهن. نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر مير ڪبير محمد شهي چيو ته سردار عطاءُالله مينگل مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري، خان ولي خان، عبدالصمد خان اچڪزئي جهڙن اڳواڻن سان گڏجي جدوجهد ڪئي، سندس قربانين کي ياد رکيو ويندو. 2024 ۾ ڌانڌلي ذريعي غيرسياسي ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو، اهڙا ماڻهو اسيمبلين ۾ آهن جن کي بلوچن جي مسئلن جي ڄاڻ ئي ناهي، حڪمران اڄ تائين بلوچ نفسيات کي سمجهي نه سگهيا آهن، بلوچ ۽ پشتون عورتن ۽ ٻارڙين جي عزت تي ڪو انڪار نٿا ڪري سگهن پر سندن ننگن جي عزت کي خاطر ۾ نٿو رکيو وڃي. پشتونخوا ميپ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل رحيم زيارتوال چيو ته محڪوم قومن کي پنهنجي سرزمين تي اختيار ڏنو وڃي، اسان آئين جي بحالي ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن ڀيري اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو جيڪي حقيقي نمائندا ناهن پر رياست جا نمائندا آهن جيڪي جمهوريت لاءِ خطرناڪ آهن. مقررن خطاب ڪندي چيو ته عمران خان کي رڳو ان ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هن حق جي ڳالهه چئي، بلوچستان ۾ قدرتي نعمتون آهن پر بلو چ عورتن تي اسلام آباد ۾ لٺبازي ڪئي وئي، گوادر ۾ گوليون وسايون ويون. ان موقعي تي ٺهرائن ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ لاڳو اڻ اعلانيل مارشل لاءِ آئين ۽ قانون جي پامالي، ڪٺ پتلي اسيمبليون بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي عوام کي محڪوم بڻائڻ جي سازش آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حڪومتي ادارا ساحلي وسيلن تي قبضي لاءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ انسانيت سوز پاليسين ۽ امڪاني آپريشن کي روڪيو وڃي، وسيلن تي حق کي تسليم ڪيو وڃي. اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ حراس پکيڙڻ بند ڪيو وڃي. بلوچستان جي سياسي مسئلي کي فوجي طاقت ذريعي حل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ عمران خان سميت سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ناانصافين جي خاتمي لاءِ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وڃن. اهڙي ريت بلوچستان نيشنل ضلعي قلات پاران بلوچستان پارڪ ۾ عطاءُالله مينگل جي ٽئين ورسي ملهائي وئي. بي اين پي چاغي پاران دالبندين پريس ڪلب ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي توانائي بابت مملڪتي وزير مير محمد هاشم نوتيزئي ۽ ٻين خطاب ڪيو. بي اين پي ڪيچ پاران سرڪٽ هائوس تربت ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو. جنهن کي ڊاڪٽر عبدالغفور بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو. وڍ ۾ پڻ ضلعي خضدار ۽ وڍ جي اڳواڻن گڏيل تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو جتي اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ سردار عطاءُالله مينگل کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.