اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير لاءِ سومر کان انتظار ڪري رهيو هو، سومر ڏينهن واري اجلاس ۾ قانون سازي کانپوءِ پوائنٽ آف آرڊر تي اسپيڪر کي مائيڪ اختر مينگل حوالي ڪرڻو هو پر پي ٽي آءِ وارن جي احتجاج سبب اجلاس ملتوي ٿي ويو جنهن بعد اڱاري تي پهرين قانون سازي ٿي،اياز صادق پئنل پي ٽي آءِ جي اظهر ڪياني حوالي ڪري اجلاس مان هليو ويو، ايم ڊبليو ايم جي وحيد جي تقرير ڊگهي ٿي وئي اختر مينگل جي واري جو اعلان ڪيو ويو ته مينگل تقرير لاءِ اٿي بيٺو پر وحيد احتجاج ڪندي چيو ته مون کي تقرير مڪمل ڪرڻ ڏيو ان دوران ن ليگ جي جنيد خان کيس مشورو ڏيو ته توهان ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏيو،اختر مينگل کي ڳالهائڻ لاءِ ٻيهر فلور نه مليو جنهن بعد هن ايوان مان ٻاهر اچي چيو ته اسان کي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي،اختر مينگل اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار هو، بلوچستان ۾ هن وقت ماه رنگ بلوچ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چڪي آهي ٻيو ته اتي ويڙهاڪ تنظيمن کي به گهڻي موٽ ملي رهي آهي، اختر مينگل جي استعيفيٰ وڏو نقصان آهي، هو سسٽم ۾ رهي ڳالهين جو حامي آهي،هن جون شڪايتون ختم ڪرڻ گهرجن ها