اختر مينگل سان ڳالهيون ضروري آهن ۽ ڪرڻ گهرجن: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اختر مينگل سان ڳالهيون ضروري آهن، استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ سندس خدشا  ختم ڪرڻ گهرجن، اختر مينگل سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪرڻ گهرجن. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اختر مينگل ذريعي چورايو وڃي ته اسان بلوچستان جا مسئلا حل ڪنداسين، بلوچستان جي بهتري لاءِ ڪيترائي موقعا ضايع ڪيا ويا، بلوچستان جي محرومين جي ڪري اتي ملڪ دشمن عنصرن کي هٿي ملي. هن چيو ته انهن سڀني سببن کي ختم ڪرڻ گهرجي جن جي ڪري بلوچستان ۾ مسئلا ٿي رهيا آهن، نواز شريف، شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ ماضي ۾ قومي ڊائيلاگ جو چئي چڪا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ 4 گروپ بڻجي ويا آهن، پي ٽي آءِ ۾ بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ، وزيراعليٰ ۽ ايم پي اي جو گروپ آهي، مان فيض حميد جو سلطاني شاهد  بڻجڻ تي ڪا اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.