خانپور ( ن ع آ ) خانپور نپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد صفدر لاڙي ڀرسان ھٿياربند مزدا کي روڪي ڪلينر سھيل احمد لاشاري کي اغوا ڪري ويا ، متاثرن ۽ ڊرائيورن پاران انڊس ھاءِ وي فيضو اسٽاپ ڀرسان بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافر سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻ لڳا ان موقعي تي مغوي نوجوان جي پي لياقت لاشاري جو چوڻ ھو ته ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي مون کان ھزارين روپيا روڪ رقم موبائل فونز ۽ مارڪٽ ڪري منھنجي پٽ سھيل لاشاري کي اغوا ڪري ويا آھن خانپور تعلقو ڏوھارين جو قلعو بڻيل آھي ڏينھن ھجي رات روڊن تي کلي عام ماڻھن کي اغوا ڪري وڃن ٿا پر پوليس ڪجهھ نه ٿي ڪري ھنن مطالبو ڪيو ته شڪارپور پوليس نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي ڏي ، شڪارپور پوليس ڌرڻي واري ھنڌ پھچي متاثرن سان ڳالھيون ڪيون ۽ يقين ڏيارڻ تي متاثرن احتجاج ختم ڪري روڊ مسافرن لاءِ کوليو ويو