بلوچستان مسئلي جي چاٻي جي ايڇ ڪيو وٽ آهي: اختر مينگل

اسلام آباد (بيورو+م ڊ  ) بلوچستان نيشنل پارٽي ( بي اين پي ) جي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اختر مينگل چيو ته مان اڄ  اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيان ٿو، اِها ڳالهه مان ڪنهن کي ناهي چئي پر اڄ هينئر هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي رهيو آهيان.هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ناهيان ڪري سگهيو، بلوچستان جون حالتون ڏسي فيصلو ڪري آيو هئس، مان رياست، صدر ۽ وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اعلان ڪيان ٿو، پوري سسٽم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهيو آهيان.اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي معاملي تي ماڻهن جي دلچسپي ناهي، مان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، جڏهن به ان مسئلي تي ڳالهايو بليڪ آئوٽ ڪيو ويو، ملڪ ۾ رڳو نالي جي حڪومت بچي آهي، اهڙي سياست کان بهتر آهي مان پڪوڙن جو دڪان کوليان، مون کان ناراض 65 هزار ووٽرز کان معافي گهران ٿو،هن چيو ته بلوچستان توهان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي،اڄ قومي اسيمبلي فلور تي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، منهنجي ڳالهه ته تحمل سان ٻڌي وٺو ها جيڪڏهن ڪا غيرآئيني يا غلط ڳالهه ڪريان ها ته ڊي چوڪ تي سي ٽي ڊي کان سرعام منهنجو انڪائونٽر ڪرائي ڇڏيو ها، هن چيو ته اها شايد اسان جي ڪمزوري آهي ته اسان ڳالهه سمجهائي نه سگهياسين، اسان جي زبانن تي تالا لڳايا ويندا آهن، بلوچستان جي معاملي تي ڪو به سنجيده ناهي، اڄ تائين جيڪي اردو ڳالهائيندڙ، پشتون،بلوچ يا ڪي ٻيا ماريا ويا آهن انهن جون قاتل عدالتون آهن جيڪي انصاف فراهم نٿيون ڪن، سڀ کان وڏا قاتل اهي سياستدان آهن جن سياست کي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪيو، هي اسيمبلي اسان جو آواز نٿي ٻڌي ته ان اسيمبلي ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ هن چيو ته بلوچستان ۾ مون جهڙا آواز  هاڻي ڪا ذڪر جوڳي تبديلي نه پيا آڻي سگهن،بلوچستان جي عوام لاءِ انهن جو آواز نه پيو ٻڌو وڃي ۽ انهن جي احتجاج کي به قبول نٿو ڪيو وڃي، انهن کي خاموش ڪيو وڃي ٿو،غدار قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ سڀ کان بدترين اهو ته انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو،  بي اين پي جي سربراهه پنهنجي استعيفيٰ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي، جتي قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري اِها وصول ڪئي. ياد رهي ته اختر مينگل اين اي 256 خضدار مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو.

اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته مون جنهن نظام تي بي اعتماديءَ  جو اظهار ڪيو ان ۾ پارليامنٽ، عدليه، سياستدان، سياسي پارٽيون ۽ ميڊيا به شامل آهن. قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي اختر مينگل چيو ته بلوچستان  مسئلي جي چاٻي جي ايڇ ڪيو ۾ پيل آهي، جنهن کي  کولڻ جي اجازت ڪنهن کي به ناهي. هن چيو ته اسان بلوچستان جي مسئلي کي قومي سطح تي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪير سمجهي نه ٿو يا کين روڪيو  پيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف سميت سڀ سياستدان بيوس آهن، انهن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، پهرئين ڏينهن کان چوان ٿو ته بلوچستان کي سياستدان نه پر جي ايڇ ڪيو هلائي رهيو آهي. هن چيو ته استعيفي’ جو فيصلو سخت  هو، مون ڪنهن سان به صلاح نه ڪئي، اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيو پر ڪنهن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي. اختر مينگل چيو ته استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت مان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به سياستدان ناهي رهيو، سڀ ڪاروباري آهن پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا. اختر مينگل چيو ته هو چون ٿا ته بندوق کڻندڙن سان ڳالهيون نه ٿينديون، مان ڪهڙو بندوق کڻي ايوان ۾ آيو هئس، جو مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو؟ 2018ع کان اڄ تائين اسيمبلي ۾ ڪا به غير آئيني ڳالهه ناهي ڪئي. هن چيو ته هاڻي کين ڳالهائڻو آهي ته جبلن تي ويٺلن سان پاڻ ڳالهائن، اسان جي وس ۾ ڪو به ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن سياستدان گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته سياستدان پاڻ کي حڪمران چورائڻ بند ڪن، اهي پاڻ کي سرڪاري ملازم سڏائين، ملازم پنهنجي آقا جي آڏو بي وس هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.