وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات،ترقياتي فنڊ فراهم ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم سنڌ جي شهري علائقن لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف متحده قومي موومينٽ جي وفد جو استقبال ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم وفد وزيراعظم کان آئيني ترميم ، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي،  جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي شهري علائقن لاءِ ترقياتي فنڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم شهباز شريف کان گم ٿيل ڪارڪنن جي جلد بازيابي جو به مطالبو ڪيو.  ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا، جڏهن ته حڪومت طرفان ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير ميمڻ به موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.