سنڌ ۾ چار ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪيترائي علائقا اڄ به ٻڏل

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب بدين ضلعي جي 250 کان وڌيڪ تعليمي ادارن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو.  ذريعن موجب بدين جي 250 کان وڌيڪ تعليمي ادارن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ  سبب شاگردن کي اسڪول پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي طرف دادو ۾ گج نديءَ جي ٻوڏ واري پاڻي سبب جوهي تعلقي جي علائقي ڪاڇي جو مين روڊ 3 مختلف هنڌن تي بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو زميني رستو پڻ ڪٽجي ويو آهي. حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ شهر جي سڀ کان وڏي ٽنڊو يوسف قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون آهن، جڏهن ته دفنائڻ وارا پڻ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ياد رهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.