حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ بلوچستان جي دانشورن، استادن، پروفيسرن، عوامي نمائندن ۽ شاگردن سميت ٽي ھزار شھرين کي فورٿ شيڊيول جي فھرست ۾ شامل ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ويو آھي ته اهڙو رويو اختيار ڪرڻ سان بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ بدران وڌيڪ سنگين صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. بلوچستان جي ڏوراھن علائقن ۾ کاڌي پيتي سميت عام استعمال جي شين جي شھرين تائين آساني سان پھچ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، بلوچستان ۾ ضروري شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ سان عوام ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي رھي آھي. ڪميونسٽ پارٽي مطالبو ڪيو آھي ته شھرين کي فورٿ شيڊول جي فھرست ۾ شامل ڪرڻ جو سلسلو مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي. شھرين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪري سمورن شھرين کي برابر جي حيثيت ڏيئي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ بلوچستان جو مسئلو ڳالھه ٻولھه ۽ خوشگوار ماحول پيدا ڪري سياسي عمل جي ذريعي ئي حل ڪيو وڃي.