اسلام آباد(عمر چيما)انگريزي اخبار ڊان ۾ فوج ۾ ڪرپشن جي حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ڇرڪائيندڙ آهي،1985کان وٺي هيل تائين 1974 آڊٽ پيراز جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن مان رڳو 660 جو جواب ڏنو ويو آهي، اڪثر اعتراض ٺيڪا اشتهار ڏيڻ بنا ڏنا ويا،رپورٽ ۾ مالي معاملن تي سوال اٿاريا ويا آهن، هڪ اڳوڻي آڊيٽر جنرل جو موقف آهي ته ان طرح جا اعتراض هر وزارت ۾ هوندا آهن پر اسان دفاعي شعبي وارن کي معتبر سمجهندا آهيون ڇو ته اهي ٻين جي ڪرپشن جو وڏو هُل ڪندا آهن پر انهن جا پنهنجا معاملا به درست ناهن،هن چيو ته جيڪي مک پيراز هونديون آهن اهي حل ڪيون وينديون آهن، دفاع واري شعبي ۽ پرڏيهي وزارت ۾ آڊٽ اعتراضن کي سنجيدگي سان ڏٺو ويندو آهي.