سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي واٽر بورڊ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ ڪارپوريشن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بابت ايس ايس پي کي گرفتاري وارنٽ جي تعميل ڪرائڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جي عدالت ۾ پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت چيو ته ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا هڪ لک رپين عيوض ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن هر ڪيس ۾ واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن جو اهو ئي طريقو آهي، ڪيسز 4 سالن کان التوا هيٺ آهن، انهن معاملن کي هن وقت تائين حل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ تنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر پيش ٿيو ۽ عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت مهلت جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واٽر بورڊ خلاف ٽيرف بابت ۽ رهتون ادا نه ڪرڻ تي ڪيس داخل ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.