ڪراچي: ٽڪ ٽاڪ ٺاهي اپلوڊ ڪندڙ ليڊي ڪانسٽيبل سميت 2 اهلڪار معطل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا ليڊي ڪانسٽيبل ماريا گل جي مائي کلاچي روڊ تي پوسٽ ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا  تي وائرل ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ليڊي ڪانسٽيبل کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڄاڻايل ليڊي ڪانسٽيبل ماريا گزري ٿاڻي تي مقرر ٿيل آهي، ايس ايس پي ڏکڻ کان ڄاڻايل ليڊي ڪانسٽيبل جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ موجب پوليس هڪ پروفيشنل ادارو آهي، ان ڪري اهڙي غير ذميواراڻي عمل جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان هڪ آفيس ياداشت پڻ جاري ڪئي وئي آهي.هوڏانهن ٻئي طرف ايس ايس پي ​​سٽي سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو جو نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو بغدادي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ذيشان 2022ع ۾ ٺاهي هئي ۽ گذريل سال سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.