ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل وارهه جي رهواسي علي احمد بروهي جو لاش هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس کي 4 هفتن
جي مهلت ڏئي ڇڏي. پٽ جو لاش واپس ڪرڻ لاءِ سندس ماءُ جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ٻن ڄڻن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، وڌيڪ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. تنهن تي عدالت مقتول جو لاش هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس کي مهلت ڏني. درخواست گذار جي وڪيل موجب علي احمد بروهي کي سال اڳ ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري لاش اڻڄاتل ڦٽو ڪيو ويو هو.