سڪرنڊ ۾ جوابدار ڇرين جا وار ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

سڪرنڊ(ن ع آ ) سڪرنڊ ويجهو پنهل خان چانڊيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت رند ۾ ڏير پاران پنهنجي ڀاڄائي 30 سالن جي منگل زال نادر علي  رند کي ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي چيو ته ناري جي ڳچي ڇري سان ڪٽيل آهي، جڏهن ته جسم تي ٻيا به ڇري جا وار ٿيل آهن، اسپتال ۾ موجود ناري منگل جي مڙس نادر علي رند ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ سلطان منهنجي گهرواري کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي، مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.