نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن لاءِ نئين پينشن اسڪيم لاڳو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت نئين پينشن اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ناڻي واري وزارت جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊان نيوز موجب ناڻي واري وزارت پاران ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم فنڊ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئين پينشن اسڪيم تحت ملازم پينشن لاءِ بنيادي پگهار جو 10 سيڪڙو ادا ڪندا. نئين پينشن اسڪيم تحت حڪومت پينشن لاءِ بنيادي پگهار جو 20 سيڪڙو ادا ڪندي،  جڏهن ته نئين اسڪيم پهرين جولاءِ 2024ع کانپوءِ ڀرتي ٿيندڙ سرڪاري ملازمن تي لاڳو ٿيندي. ان کان علاوه نئين پينشن اسڪيم 1 جولاءِ 2025 کانپوء فوج ۾ شامل ٿيندڙ  اهلڪارن تي پڻ لاڳو ٿيندي. ان کان اڳ اقتصادي رابطا ڪميٽي پي اينڊ پينشن ڪميشن جي سفارشن تي پينشن اسڪيم ۾ ترميمن جي منظوري ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.