پيرڳوٺ ويجهو سولنگي-جاگيراڻي تڪرار تان وڌيڪ هڪ نوجوان قتل،4 زخمي

خيرپور/پيرجوڳوٺ/ ڪوٽ مير محمد ( نمائندن وٽان )  پيرجوڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ڳوٺ ڊرگهپور ۾ جاگيراڻي، سولنگي تڪرار تان راڪيٽ لانچرن ۽ جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ  جي نتيجي ۾ سولنگي برادري جا پنج ڄڻا شاهزيب سولنگي، نديم، حنيف، انيس، عورت سيما سولنگي سخت زخمي ٿي پيا،  زخمين کي ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان شاهزيب سولنگي فوت ٿي ويو. جڏهن ته عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،  ان سلسلي ۾ سولنگي برداري  جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ سندس نوجوان قتل ٿيو آهي،  جڏهن ته جاگيراڻي برادري پڻ حملي جو سولنگي برادري مٿان الزام هڻندي چيو ته سولنگين حملو ڪيو آهي جنهن ۾ عبدالجبار جاگيراڻي ۽ امين جاگيراڻي پڻ زخمي پيا آهن.  ٻنهي ڌرين پاران پوليس تي ونگارو هجڻ جو پڻ الزام لڳايو ويو آهي. ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.

  1. ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سڀاڻي نبيرو به رٿيل

پيرجوڳوٺ : جاگيراڻي، سولنگي تڪرار جي خاتمي لاءِ علائقي جي معزز شخصيت، سول سوسائٽي، شهرين پاڪ ڪتاب ۽ نياڻيون  ساڻ ڪري ڪافي ميڙ منٿ قافلا کڻي ويا جن کي ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن مثبت موٽ ڏيندي ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. جنهن بعد سردار مير عابدخان سندراڻي ۽ سردار معظم خان عباسي پنج سيپٽمبر خميس ڏينهن سکر ۾  ڌرين جي نبيري جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. پر ان باوجود ڌرين ۾ ٺاپر ناهي آئي.

  1. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب هيل تائين 7 ڄڻا قتل ۽ 17 ماڻهو زخمي ٿي چڪا

پير جو ڳوٺ : جاگيراڻي، سولنگي خوني تڪرار گذريل اڍائي مهينن کان هلندڙ آهي جنهن ۾ هيل تائين ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته 17 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.