ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد،ٻيو زخمي

ڪراچي( رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) سائيٽ سپر هاءِ وي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق زخمي پوليس اھلڪارن جي سڃاڻپ عادل پتافي ۽ چمن جي نالن سان ٿي آهي هڪ پوليس اھلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته زخمي اهلڪار آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار  سائيٽ سپر هاءِ وي تي اهلڪار جي شهادت ۽ ٻئي جي زخمي ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي گهرو وزير ايس ايس پي  اوڀر کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،  گهرو وزير هدايت ڪئي ته پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. زخمي اهلڪارن کي تمام بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار هدايت ڪئي ته پوليس اهلڪار پاڻ اسپتال پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ۽ علاج جا انتظام يقيني بڻائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.