اختر مينگل ۽ قيصر بنگالي جي استيعفائن جو اصولي، اخلاقي ۽ جرئت منداڻو پاسو

اسان وٽ جتي عام طور تي ڪجهه نه ڪري سگهڻ ۽ بيوس هئڻ باوجود هر قيمت تي وڏن توڙي ننڍن عهدن ۽ رتبن تي چنبڙي رهڻ جو ماحول رهيو آهي ته اتي اهڙيون  ٿوريون به شخصيتون هر دور ۾ ڏٺيون ويون آهن جن عهدن ۽ مرتبن بدران پنهنجي ضمير ۽ اصول کي اهميت ڏني آهي ۽ ڪم نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ پنهنجن عهدن ۽ مرتبن تان استعيفائون ڏيڻ جا به مثال قائم ڪيا آهن. اهڙو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ معاشي ماهر قيصر بنگالي ۽ ڪالهه بلوچ سياستدان اختر مينگل پڻ قائم ڪري ضمير ۽ اصول واري سوچ ۾ ايمان تازو ڪري ڇڏيو آهي.

قيصر بنگاليءَ ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ادارتي سڌارن لاءِ قائم ڪيل وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي اهم ميمبري يعني صلاحڪاري ۽ ڪفايت شماري ۽ خرچ گهٽائڻ وارين ڪميٽين جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جو هو حڪومت جي ڪن پالسين سان متفق نه هو. ائين ئي بي اين پي جي بلوچ اڳواڻ اختر مينگل به بلوچستان خلاف حڪومتي پالسين تي احتجاج ڪندي ڪالهه پارليامينٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس خيال آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ اندر ويهي حڪومتي ۽ رياستي سطح تي بلوچستان ۽ بلوچ قوم لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪير اسان جي آواز کي اهميت نه ٿو ڏئي ته پوءِ پارليامينٽ اندر ويهڻ پنهنجي قوم سان ۽ پاڻ سان ويساهه گهاتي هوندي.

قيصر بنگالي جيڪڏهن حڪومت اندر معاشي صلاحڪار طور ڪم ڪندو رهي ها ۽ ڪمائيندو رهي ها ته اهو به ڪري سگهي پيو پر هن پنهنجي ضمير ۽ اصول کي مطمئن ڪرڻ لاءِ صلاحڪاري ۽ ان مان ملندڙ پنهنجي مالي مفاد ۽ عهدي کي ٿڏي پاڻ کي مالي نقصان  ڏئي ڪري ثابت ڪيو آهي ته جنهن ڪم لاءِ اوهان کي ڪٿي مقرر ڪيو ويو هجي ۽ اهو ڪم اوهان کان نه ٿي سگهي يا نه ڪرڻ ڏنو وڃي ته پوءِ اوهان کي ان عهدي تي اخلاقي طور نه رهڻ گهرجي، اوهان ڪنهن ڪم ۽ عهدي سان ڪنهن به سبب ڪري انصاف نه ٿا ڪري سگهو، ته پوءِ اوهان پاڻ کي بار سمجهو پر اسان وٽ  عام طور تي اهو سوچيو ويندو آهي ته بس پنهنجو ذاتي ۽ مالي مفاد ڏسجي ۽ عهدن توڙي مرتبن تي تيستائين چنبڙيو رهڻ گهرجي جيستائين فارغ نه ٿو ڪجي. پر قيصر بنگالي ۽ اختر مينگل ائين نه سوچيو. انهن پنهنجي ضمير سان انصاف ڪيو ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ تي ترجيح ڏني.

گهڻي قدر هتي عهدن ۽ رتبن تي چنبڙي رهڻ جو رواج آهي. عهدا ۽ رتبا ماڻڻ لاءِ وڏا جتن ڪندا، سازشون ڪندا، جائز ناجائز ڪم ڪندا، ڌانڌلي ڪندا ۽  ڪرپشن ڪندا پر عهدا ۽ وزارتون وٺي وري گم ٿي ويندا مجال آهي جو ڪو ڪم ڪن. جڏهن ته اسان اهو سمجهندا آهيون ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪٿي به ڪو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته اهو اصل ۾ تاريخ  کين پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏيندي آهي پر اسان وٽ  سوچ جي ان معيار جو فقدان آهي.  ماضي ۾ ته حڪمران ۽ وزير خراب ڪارڪردگي ۽ ڪنهن وڏي حادثي جي ذميواري قبوليندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداهيا پر هاڻي اهو رواج ماضي جو عظيم قصو بڻجي چڪو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي اصولي ۽ باضمير ماڻهو وري اوچتو ان روايت ۾ نئون ساهه وجهي ڏيکاريندا آهن.

بلوچ اڳواڻ اختر مينگل به اڄ جي انهن ٿورن سياستدانن مان هڪ آهي جيڪو قول ۽ فعل ۾ ڪنهن فرق جو قائل ناهي هوندو. هن هميشه پارليامينٽ  اندر ايم اين اي طور بلوچستان ۽ بلوچ قوم جي حقن جو آواز اٿاريو آهي ۽ تيستائين پارليامينٽ ۾ موجود هوندو آهي جيستائين هو قومي مفاد سمجهندو آهي جڏهن هو ڏسندو آهي ته پارليامينٽ ۾ ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي رڳو ايم اين اي طور ملندڙ پگهارن، رعايتن، مراعاتن ۽ عياشين جو مزو آهي ته پوءِ هو غير ضروري طور تي هڪ منٽ به ان پارليامينٽ ۾ ويهڻ گوارا ناهي ڪندو. ماضي ۾ به اختر مينگل اهڙو جرئتمنداڻو ۽ باضميري وارو رويو اختيار ڪندو آيو آهي.

سو قيصر بنگالي هجي يا اختر مينگل انهن پنهنجي ڪردار مان ثابت ڪيو آهي ۽ هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته اهي ڪم ڪرڻ لاءِ  حڪومت يا پارليامينٽ ۾ ويا هيا اهي ملڪ ۽ قوم لاءِ ويا هيا پنهنجي مفاد ۽ روزگار سانگي نه ويا هيا ۽ جڏهن انهن ڏٺو ته کانئن اهو ڪم نٿو ورتو وڃي يا سندن اتي رهڻ سان ملڪ يا عوام کي ڪو فائدو نٿو رسي ته اتي ويهڻ جي ڪا ضرورت نٿا محسوس ڪن.

اها وڏي ڳالهه  آهي، ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجو ذاتي مفاد ۽ فائدو ڇڏڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي پر غير معمولي ڳالهه آهي. ن ڪري ئي ملڪ اندر سندن ساک آهي سو ذاتي طور تي انهن کي استعيفائن سان جيڪو نقصان پهتو آهي تنهن کي اسان ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ ڏنل سندن قرباني سمجهون ٿا پر هتي اسان حڪمرانن کي به صلاح ڏينداسين ته قيصر بنگالي ۽ اختر مينگل  جهڙو ڪردار اهي به ادا ڪن ۽ پنهنجي  ڪارج کي سمجهن. جيڪڏهن حڪومت ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي ته کين به غير ضروري طور تي پوءِ حڪومت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

ٻيو ته حڪومت کي اهو به سوچڻو پوندو ته جيڪڏهن اها هڪ اختر مينگل کي  پارليامينٽ  اندر خوش ۽ مطمئن نه ٿي رکي سگهي، کيس اعتماد ۾ نه ٿي وٺي سگهي ته پوءِ   بلوچستان ۽ ان جي بلوچ قوم کي ڪيئن خوش ۽ مطمئن ڪري سگهندي. ائين معاشي بدحالي جي دور ۾ قيصر بنگالي جهڙي ترقي پسند معاشي ماهر جو ناراض ٿي وڃڻ  به حڪومت کي ڌڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اصولي طور تي حڪومت کي اهڙن معاشي ماهرن جي صلاحڪاري جي ضرورت آهي پر جيڪڏهن حڪومت ملڪ جي معاشي ماهر ۽ پنهنجي حڪومتي صلاحڪار کي به پنهنجي  پاليسين مان مطمئن نه ڪري سگهي ته عام ماڻهن کي ڪيئن مطمئن ڪري سگهندي؟

سو حڪومت کي هاڻي انهن ٻن استعيفائن کانپوءِ  پنهنجو سنجيدگي  سان جائزو وٺڻو پوندي ۽  نئين سر ويچار ڪرڻو پوندو ته آخر هي  ملڪ ۽ حڪومت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن پر جيڪڏهن حڪومت قيصر بنگالي ۽ اختر مينگل جا خدشا سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اهي ختم ڪندي ته سمجهبو ته حڪومت هاڻي پاڻ سنڀالي درست رخ ۾ ڪم ڪرڻ ڏانهن وڌي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.