ڪنھن لکيو آھي ته جيڪڏهن توھان ڪنهن کي تباھ ڪرڻ چاھيو ٿا ته ان کان علم کسيو تعليم کسيو پوءِ ھن ملڪ کي تباھ ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت نه پوندي اھو پاڻ ئي ختم ٿي ويندو نيست نابوت ٿي ويندو . اسين جيڪڏهن تاريخ کي کولي ڏسون ته ، ھن دنيا ۾ جنھن به ماڻھوءَ ترقي ڪئي پنھنجي مقصد تي پھتا ، انھن اھو پنھنجو مقصد ڪتابن مان ئي ماڻيو ، اڄ جي تعليم جي ادارن کي ڏسو ، ان ۾ استادن کي ڏسجي ، شاگردن کي ڏسجي ان ادارن ۾ پڙھائيندڙ تعليم کي ڏسجي ته جنھن جو نظام بلڪل خراب ٿي ويو . ان تعليم کي آءٌ غلط تعليم چئي سگهان ٿي . جيڪا صرف ميٿ ميٽڪس ، سائنس ، جيوگرافي تي صرف ٻڌل آھي . اسان جي تعليم جو مقصد صرف ڊاڪٽر ٿيڻ ،انجنير ٿيڻ ۽ ٻين ڪجھن کان علاوه ٻارن کي ٻين شين جي باري ۾ خبر ئي ناھي . اسان پنھنجي تعليمي اداران کي ڏسون ته اسان جي تعليمي اداران م ھڪ ٻار تعليم نٿو پرائي ، علم نه ٿو پرائي ، بلڪه اھو ھڪ جاءِ تي پھچڻ جو تياري ڪري رھيو آهي. ھڪ ملازمت وٺڻ جو تياري ڪري رھيو آھي. ان کي اسين علم هرگز نٿا چئي سگهون ، پوءِ ان کي ھڪ روبوٽ تيار ڪرڻ واري جاءِ چئي سگھون ٿا. اسان جي اداري وارا اسان جا استاد به اھو غلط ڪري رھيا آھن. انھن کي اھو سڀ بدلائڻ جي حيثيت آھي . جيڪو انقلاب جو وزن نوجوانن تي ۽ استاد تي آھي اھو ٻيو ڪنھن تي به نٿو ٿئي سگھي ، جيترو انقلاب استاد ۽ انھن جا شاگرد آڻي سگهن ، جيتري انقلاب اڄ تائين ڪنھن سائنسدان به نه آندو آھي . ڇو جو استاد ئي ته آھن جيڪي اسان جي نوجوانن جي ذھنن کي تيار ڪري رھيا آھن ، ڪتاب ئي ته آھن جيڪي اسان کي ان سوچ کي اڳتي کڻي هلن ٿا ته فرسٽ پوزيشن سيڪنڊ يا ٿرڊ پوزيشن ڪجھه نه آھي.
اسان جا ڪتاب ئي ته اسان کي سيکاريندا آھن ته ھن پوزيشن کان به وڌيڪ ھڪ وڏي دنيا آھي ، جيڪا ڪتابن م ٻڌايل آھي ، اسان وٽ جڏھن ھڪ ٻار ڪلاس جي پھريون پوزيشن ماڻي ٿو ته ڄڻ ٻين ٻارن کي ٻڌايو پيو وڃي ته ھو پوئتي رھجي ويا آھن . ۽ انھن جو ساٿي پھرين نمبر تي آيو آھي . اسان ٻارن کي ٻڌائي رھيا آھيون ته پھرين پوزيشن کڻڻ وارا ٻار مٿانھان ۽ باقي ھيٺاھان آھن ، ڪتابن ۾ ٻارن کي نوڙت ۽ محبت جي تعليم ڏني ويندي آھي ۽ پھرين پوزيشن تي ايندڙ کي گلن جا ھار پھرايا وڃن ٿا ۽ انھن جا فوٽو ڪڍيا وڃن ٿا . جڏھن ته پوئتي رھجي ويندڙن کي نظام جي ھٿان ذلت جو منھن ڏسڻو پوي ٿو . ڇا اسان جي ان حرڪتن سان پٺتي رھجي ويل ٻارن جو انا کي وڌائي ته نٿي ملي. ڇا انھن ۾ ساڙ نه ٿا پيدا ڪيون . تعليم ته محبت سيکاريندي آھي . پوءِ اسين اھا انا ، ساڙ ۽ ڪينو ڪٿان ٿا پيدا ڪريون . ڇو ٿا پيدا ڪريون، اسان جا ڪتاب ته اسان کي اھو نه ٿا سيکارن .اھو ته اسان جيڪر انھن ادارن کان ئي سکون، انھن محترم استادن کان سکون ٿا . اسان وٽ آھو ساڙ ، ڪينون ۽ انا ان ٻار وٽ پيدا ٿي سگھي ٿي . جيڪي ڪتابن کي گھٽ ڌيان ڏيندا آھن . جيڪي اسان کي انھن شين کان پري رکندي آھي.
گرو رجنيش پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته ھر ٻار قابل فخر آھي. جيڪڏهن توھان سون کي چوندا ته چاندي ٿي ڏيکار يا چاندي کي چوندو ته سون ٿي ڏيکار ته اھي ھرگز تبديل نٿا ٿي سگھن. ڇو جو ھر ڪنھن وٽ ھڪ پنھنجي سڃاڻپ ھوندي آھي . خدا جڏھن پاڻ به چوي ٿو ته ھڪ انسان مختلف آھي ته پوءِ اسين انھن کي قابليت ۾ ڇو ڀيٽيندا آھيون ، چنبيلي چنبيلي آھي ۽ گلاب گلاب آھي . ڪڏھن به پنھنجي ظاھري سڃاڻپ کي تبديل نه ٿا ڪري سگھون.
ڪتاب ئي ته اسان کي سيکاريندا آھن ته دنيا تمام وڏي ۽ انسان ڏاڍو گھرو آھي . ان کي سمجھڻ تمام مشڪل آھي ، ان کي صرف چند ئي صلاحيت آھي جو ان کي سمجھي سگھي اسان جي ھڪ ڪلاس ۾ 70 کان 80 ٻارن مان مس مس ٻه يا ٽي ٻار اھڙا ھوندا جيڪي پنھنجي ڪورس کان علاوه ڪتاب پڙهڻ وارا ھوندا آھن ۽ انھن جو اسان کي احترام ڪرڻ گھرجي جيڪي ھن دور م به ڪتاب پڙھندا آھن. اسان کي کپي ته وڌ ۾ وڌ ڪتاب پڙھون تڏھن ته اسان مختلف، مختلف شين کي سڃاڻي سگھنداسين تڏھن ته اسان ڪجھه شين جي باري ۾ لکي پڙھي سگھنداسين . ڪتابن ۾ ھڪ وڏو دين آھي ، جنھن جي اسان پنھنجي پاڻ کي سڃاڻي سگھنداسين پنھنجو زندگي صحيح طريقي زندگي گذاري سگھنداسين.
سو اسان کي کپي ته اسڪولن ، ڪاليجن ، يونيورسٽين ۾ پڙھايو ويندڙ سبجيڪٽ کان علاوه به ڪجھه ٻيون سرگرميون ڪرايون ، ھنن ٻارن کي مختلف ديني توڙي دنياوي ادب، تاريخي ڪتابن ڏانھن آڻيون، جئين اھي انھن کان سکن ، انسانيت سکن ، پنھنجي اندر جي ضمير کي جاڳائن ، پنھنجي پاڻ کي ڄاڻن ، پوءِ ئي اهو ملڪ ترقي ڪندو جڏهن جڏھن انسان وٽ ڪتابن کان شعور ايندو .
ڪتاب ئي ته آھن جيڪي اسان کي ان سوچ کي اڳتي کڻي هلن ٿا ته فرسٽ پوزيشن سيڪنڊ يا ٿرڊ پوزيشن ڪجھه نه آھي. اسان جا ڪتاب ئي ته اسان کي سيکاريندا آھن ته ھن پوزيشن کان به وڌيڪ ھڪ وڏي دنيا آھي ، جيڪا ڪتابن م ٻڌايل آھي ، اسان وٽ جڏھن ھڪ ٻار ڪلاس جي پھريون پوزيشن ماڻي ٿو ته ڄڻ ٻين ٻارن کي ٻڌايو پيو وڃي ته ھو پوئتي رھجي ويا آھن . ۽ انھن جو ساٿي پھرين نمبر تي آيو آھي . اسان ٻارن کي ٻڌائي رھيا آھيون ته پھرين پوزيشن کڻڻ وارا ٻار مٿانھان ۽ باقي ھيٺاھان آھن ، ڪتابن ۾ ٻارن کي نوڙت ۽ محبت جي تعليم ڏني ويندي آھي