اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن تي اجازت بنا سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل آفيس ميموريندم ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازم اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم استعمال نٿا ڪري سگهن. يادداشت نامي موجب اهو فيصلو سرڪاري معلومات ۽ دستاويزن کي ظاهر ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو گورنمينٽ سرونٽ (ڪنڊڪٽ) رولز 1964ع جي پاسداري ڪن. آفيس ميمورنڊم ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازم اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا تي راءِ يا بيان بازي نٿو ڪري سگهي، ملازم سرڪاري دستاويز ۽ معلومات غير واسطيدار ماڻهن سان شيئر نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته سرڪاري ملازم اهڙي راءِ يا حقيقتون ظاهر نٿو ڪري سگهي، جن سان حڪومت جي ساک کي نقصان پهچندو هجي.