پريالوءِ ڀرسان هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قتل، سندس زال اغوا

پريالوءِ/ ڪوٽ مير محمد/پيرجو ڳوٺ (نمائندن وٽان ) پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد پريالوءِ – اوڍا لنڪ روڊ بچاءُ بند وٽ ڳوٺ شيرمحمد جتوئي جو رهواسي 55 سال پيرسن محمد عالم جتوئي  پنهنجي گهرواري مائي مٺان جتوئي پريالوءِ کان واپس پنهنجي ڳوٺ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته بچاءُ بند وٽ واٽ وٺي بيٺل هٿياربندن کيس روڪي يرغمال بڻائي روڊ کان سڏ پنڌ هيٺي وٺي وڃي هٿياربندن گوليون هڻي کيس موقعي تي قتل ڪرڻ بعد سندس گهرواري 8 ٻارن جي ماءُ مائي مٺان جتوئي کي اغوا ڪرڻ بعد مقتول جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا . هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ تي پريالوءِ ۽ حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس پهچي ويا اطلاع تي جتوئي برادري جا ڪيترائي ماڻهون پهچي ويا جنهن بعد حد جي فيض محمد پوليس مقتول عالم جتوئي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پيرجوڳوٺ پهچائي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارثن ڏنڀرو جتوئي حوالي ڪيو جنهن بعد مقتول جو لاش وارث کڻائي واپس پنهنجي الراجاگيرجي ڪچي واري علائقي ڳوٺ شيرمحمد جتوئي پهچايوته سندس گهر۾ قهرام مچي ويو . قتل ٿي ويل مقتول عالم جتوئي جي ڀاءُ ملان عطن جتوئي جو چوڻ آهي ته اسان جي ڄاڻايل مقتول ڀاءُ کي الرا برادري سان تعلق رکندڙ  هٿياربندن  يرغمال بڻائي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد کيس ڀاڄائي 8 ٻارن جي ماءُ مائي مٺان جتوئي کي اغوا ڪري ويا آهن ، هوڏانهن حد جي پوليس انچارج ايس ايڇ او اطهرمهر جوچوڻ آهي ته الرا ۽ جتوئي برادري ۾ پسند جي پرڻي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ آهي پوليس موجب 8 مهينا اڳ جتوئي برادري جي نوجوان الرا برادري جي نوجوان ناري گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تان واقعي پيش آيو آهي . آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.