وارھه ( ن ع آ ) وارهھ لڳ حمل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد راڌاڻي ٻاھران پراڻي تڪرار تان موٽر سائيڪل سوارن مٿان فائرنگ ھڪ ڌر جي ٻن سڳن سئوٽن 20ورهين جو عمران راڌاڻي ۽ 17ورهين جو سلطان راڌاڻي سخت زخمي ٿي پيا، زخمي سليم موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻي زخمي سلطان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارھه سول اسپتال پهچايو ويو، جتي ھن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو،فوتي جي وارثن ٻڌائيندي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آھي اسان جا پورھيت نوجوان شهر سامان خريدڻ لاءِ شھر اچي رھيا ھيا جن مٿان بي گناهه فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آھي ،ھنن انتظاميا کان قاتلن جي گرفتاری ۽ انصاف جي گھر ڪئي. ٻي طرف سول اسپتال انتظاميا ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيون جن کي حمل پوليس پنهنجي نگراني ھيٺ کڻي روانا ٿيا جڏھن ته خبرفائيل ٿيڻ تائين ڪوبه ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو جنهن ڪري ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.