حيدرآباد (رپورٽر) ملڪ کان ٻاهر رهندڙ 58 استادن ۽ ماسترياڻين سميت 231 تعليم کاتي جا ملازم چيف مانيٽرنگ آفيسر وٽ پيش نه ٿيا پر اڃا تائين انهن استادن ۽ ملازمن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. حيدرآباد ۾ تعليم کاتي جي استادن ۽ ماسترياڻين سميت 231 غير حاضر ملازمن کي پيش ٿيڻ لاءِ 21 آگسٽ تي هڪ ليٽر جاري ڪندي کين 23 ۽ 24 آگسٽ تي چيف مانيٽرنگ آفيسر وٽ پيش ٿيڻ جي لاءِ آخري نوٽيس ڏنو ويو هو، نوٽيس ۾ چيو ويو ته غير حاضر رهندڙ ملازم پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪن، جڏهن ته پيش نه ٿيندڙ غير حاضر استادن ۽ ملازمن جي پگهار بند ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي سمورا ماستر، ماسترياڻيون توڙي ٻيا ملازم ملڪ ۾ ئي موجود ناهن، ان ڪري اهي چيف مانيٽرنگ آفيسر وٽ پيش ئي نه ٿي سگهيا، انهن خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي شروع نه ٿي سگهي آهي.
-
ٺٽي جون 17 گوسڙو ماسترياڻيون معطل، 15 جون پگهارون بند
ڌاٻيجي: عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او ٺٽو نظام الدين کڏائي ٻڌايو ته 15 گوسڙو ماسترياڻين جون پگهارون بند ڪيون ويون آھن، جڏهن ته 17 گوسڙو ماسترياڻين کي وقت سر ڊيوٽي تي نه اچڻ ڪري سسپينڊ ڪيو ويو آھي ۽ 4 گوسڙو ماسترن جون پگهارون بند ڪيون ويون آھن، نئين سر استادن جي ڀرتي کان پوءِ بند پيل 362 سرڪاري اسڪول کوليا ويا آھن، پر انهن اسڪولن اندر بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ فرنيچرن جي کوٽ، عمارتن جا ناڪاره هئڻ ڪري تعليم تي وڏو اثر پئي ٿو، جنهن لاءِ وس وارن کي لکت ۾ لکيو آھي.
-
پرڏيهه ۾ موجود ماستر ۽ ماسترياڻين جي لسٽ
ڌاٻيجي: سنڌ اندر تعليم جو ٻيڙو ٻڏل، سيڪنڊري اسڪولن جا 56 استاد ۽ استادياڻيون ملڪ کان ٻاهر ويهي کي پگهارون کڻڻ ٿا، انهن ۾ امام بخش عباسي ، ياسر حسين، محسن علي، نزهت ناهيد، سيد اعتزاز صديق، اما حبيب، ايوب درس، اطهر احمد، علي رضا، ڪامران، وقار يونس، محمد عمران، اقصا، غلام مجتبي، امبرين، عرفان، ميرين پليجو، سلمان علي عرس، غلام مصطفيٰ، باسط علي، ڪبرا لوهار، نبيلا سومرو، حسام الدين، محمد اسد، امريش ڪمار، سنيل گشڪوري، عبدالقدير، حسيب، علمدار شاھ، سنتوش ڪمار، اقصا نسيم، اقرا، هادي بخش، سڪندر جوڻيجو، خالدھ چانڊيو، شيراز علي، بختيار علي، عبدالقيوم، حفضا بتول، شير افصا، يسرا حسين، نيما نواز، بدرالدين ڀٽو، عائشا، روبينا، ناهيد ابڙو، شگفتا، امتياز جمالي، سيما، ذولفقار بروهي، سريا بيگم، ماجد علي، وقاص اختر سومرو، فرحان سليم، رضوانا، ثنا عزيز کان ملڪ کان ٻاهر آھن ، جن جي ڀرتي تعليم کاتي ۾ ٿيل آھي
-
ڪلارڪ جي في ماسترياڻي تي 20 هزار رپيا منٿلي مقرر
ڌاٻيجي: ذريعن موجب اهو به انڪشاف ٿيو آھي ته ماسترياڻين جي غير حاضري جو سبب ايجوڪيشن آفيس ۾ مقرر ڪلارڪ في ماسترياڻين کان 20 هزار روپيا منٿلي وصول ڪري ٿو، جنهن سبب اڪثر ماسترياڻيون ويزا تي گهر ويهي پگهارون کڻن ٿيون جنهن ڪري نياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آھي.
-
ايف آءِ اي لسٽ تعليم کاتي حوالي، ڪارروائي جي سفارش
حيدرآباد: ماستر ۽ ماسترياڻيون سميت ٻيا ملازم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ويهي هتان پگهارون کڻن ٿا، ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود لاڳاپيل اختيارين معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، ملڪ جي جاچ اداري ايف آءِ اي ملڪ کان ٻاهر ويٺل تعليم کاتي جي ملازمن جي لسٽ جاري ڪري سندن خلاف قانون طور تي قدم کڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب اهي ملازم ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا.
-
گوسڙو استادن جي ٽريزري ۾ آءِ ڊي بلاڪ ڪرڻ جي تجويز
حيدرآباد: ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايووليوشن اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ڪراچي زين العابدين عباسي تاريخ 2024-08-22 تي تعليم کاتي جي مختلف لاڳاپيل عملدارن، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، چيف پروگرام مينيجر آر ايس يو، ايس اي اينڊ ايل ڊي سنڌ، ڊائريڪٽر ايڇ آر، ڊائريڪٽر پرائمري ايليمينٽري ۽ هائير اسڪول سنڌ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر، چيف مانيٽرنگ آفيسر کي هڪ ليٽر جاري ڪري واضح ڪيو آهي ته ڪرايل جاچ جي نتيجي ۾ خبر پئي آهي ته 58 استادن ۽ ماسترياڻين سميت 231 تعليم کاتي جا ملازم ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش پذير ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن موڪل به ناهي ورتي، پر هو پگهار هتان کڻي رهيا آهن، جيڪو عمل هڪ سنگين بدانتظامي ۽ ڊپارٽمينٽل پاليسين ۽ ملازمت جي شرطن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به ملازم موڪل جي درخواست اماڻي به آهي ته هو به ناجائز طور سرڪاري خزاني مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙن ملازمن کي قانوني طور تي پرڏيهه ۾ رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت مليل ناهي. ان ڪري گذارش آهي ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن ملڪي خزانو نقصان کان بچي سگهي، ليٽر ۾ هڪ تجويز اها به ڏني وئي آهي ته اهڙن غير حاضر ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ استادن کي نوڪري تان هٽايو وڃي ۽ انهن جي ٽريزري ۾ آءِ ڊي بلاڪ ڪئي وڃي.
-
ٺٽي ضلعي ۾ سوين گوسڙو استاد هئڻ جو انڪشاف
ڌاٻيجي (رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ٺٽي ضلعي ۾ سوين جي تعداد ۾ گوسڙو استاد هئڻ جو انڪشاف، اڪثر استاد بائيو ميٽرڪ ٽيم سان گڏوگڏ مقامي استادن توڙي ڪامورن جي ملي ڀگت سان ڳري رشوت عيوض ويزا تي ويل،15 گوسڙو ماسترياڻين جون پگهارون بند جڏھن ته 17 گوسڙو ماسترياڻيون سسپينڊ ٿيل هڪ ماسترياڻي ۽ ٻه استاد ملڪ کان ٻاهر ويهي پگهارون کڻن ٿا، هونئن ته سڄي سنڌ اندر تعليم جو هٿ سان ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي، پر لاڙ جي پوئتي پيل ضلعي ٺٽي اندر 2005 مشرف جي دور ۾ سون جي تعداد ۾ عمارتون ٺاهي انهن تي سيمس ڪوڊ هڻي نالي ماتر ڳوٺن اندر استاد به مقرر ڪيا ويا، پر اڄ اهي عمارتون مڪمل طور تي زبون حال يا ته ڪنهن وڏيري ڀوتار سياستدان جا مال جا وٿاڻ، اوطاقون ۽ گودام بڻيل آھن، ٻيهر بائيو ميٽرڪ جو سسٽم اچڻ کانپوءِ سون جي تعداد ۾ گوسڙو استاد وقت کان پهرين رٽائرمينٽ وٺي گهر ڀيڙو ٿي ويا، جنهن سبب ٺٽي ضلعي اندر سون جي تعداد ۾ سرڪاري اسڪول مڪمل طور تي بند ٿي ويا هئا، هن وقت نئين سر استادن جي ڀرتين باوجود ٺٽي ضلعي اندر تعليمي سڌارو نه اچي سگهيو، سون جي تعداد ۾ استاد ته ڀرتي ڪيا ويا، پر جتي استاد کي مقرر ڪيو ويو، اتي عمارتون مڪمل طور زبون حال ۽ اڪثر جاين تي عمارتن جو نالو نشان ئي ناهي، جنهن سبب گوسڙو استادن پاران عمارتون نه هئڻ جو جواز ڄاڻي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا، 80 سيڪڙو عمارتون هن وقت مڪمل طور زبون حال ۽ فرنيچرن جي اڻهوند ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب لڳ ڀڳ لکين معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم آھن.
-
لاڙڪاڻي ۾ 300 کان وڌيڪ استاد ويزا تي ويل
لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) تعليم کاتي سنڌ طرفان سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيندڙ گوسڙو استادن جي لسٽ جاري ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ۾ گوسڙو ماسترن جو تعداد 300 کان وڌيڪ ٿي ويو، اڪثر ماسترياڻين پنھنجي جاءِ تي اسڪولن ۾ ٻارڙن کي پڙھائڻ لاءِ خانگي ڇوڪريون مقرر ڪري ڇڏيو، اسڪولن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي، سيڪريٽري تعليم طرفان گوسڙو استادن جي لسٽ جاري ٿيڻ بعد استادن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊي اي او آفيس ۾ استادن جا چڪر لکي ويا آهن ۽ جاري لسٽ مان نالا ختم ڪرائڻ لاءِ لکين روپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي. ڊيوٽين تان غير حاضر رھندڙ استادن جا نالا سيڪريٽريٽ لسٽ ۾ جاري ٿيڻ بعد ڪيترن استادن ۽ ماسترياڻين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن سندن خلاف انڪوائري اڃا تائين نٿي سگھي آھي. تعليم کاتي جي ذريعن موجب سرڪاري بوائز گرلز توڙي گڏيل اسڪولن ۾ رشوت عيوض استادن کي ويزا تي موڪلڻ لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن ويزا تي ويندڙ استادن کان اسڪول جي هيڊ توڙي ماتحت ڪلارڪ اسٽاف طرفان ڪييوئلٽي موڪل واري درخواست لکرائي ورتي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪا ٽيم ايندي آهي ته اها ظاهر ڪئي ويندي آهي نه ته ويزا تي ويل مرد يا عورت استاد جي سندس ساٿي صحيح ڪندو آهي يا وري بعد ۾ صحيح ورتي ويندي آهي