خواجا آصف پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو حامي ناهيان، مان ڪنهن به ڳالهين واري ٽيم جو حصو نه آهيان. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مستقبل بابت پڇيل سوال تي خواجا آصف چيو ته مان نجومي ناهيان ۽ عمران خان جي مستقبل بابت ڪا اڳڪٿي نه ٿو ڪري  سگهان.  حنيف عباسي تي اڊيالا جيل ۾ ڪوڪين سپلاءِ جي الزام بابت خواجا آصف چيو ته ان بابت حنيف عباسي کان پڇو، مون کي ڪهڙي خبر.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.