پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ، انگ 4 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان تازي ايمرجنسي کانپوءِ ڪيسن جو انگ 4 ٿي ويو.
صحت واري وزارت جي ترجمان موجب متاثر شخص جو واسطو پشاور سان آهي، 47 ورهين جي شهري کي 29 آگسٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز عملي علامتن جي بنياد تي آئسوليٽ ڪيو هو، جيڪو نار ملڪن مان آيو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سڀني ايئرپورٽن تي اسڪريننگ جو اثرائتو نظام موجود آهي ۽ ايم پاڪس کان بچاءَ لاءِ اثرائتا قدم کنيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.