جوهي ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو ) 2022 واري ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا ٻه سال گذُرڻ باوجود بند نه ٿيڻ سبب يوسي ڪمال جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ مرزاچنه بابو چنه بخش چنه،ڏاتوچنه ،رحيم ڏنو چنو ،ڇپر خان جمالي ،سومر چنو ،صاحب سولنگي ،عزيز سولنگي ، الهرکيو چنو ،گل محمد رودناڻي ،در محمد رودناڻي،جمن بڪڪ ، وسڻو خاصخيلي ، جمال جمالي ، پير بخش سولنگي ۽ ٻيا ڳوٺ ۽ ڪروڙين رپين جو فصل چوپايو مال گهرو سامان ٻڏي ويو آهي، انتظاميه جي اهڙي نااهلي خلاف متاثر ڳوٺاڻن ڄام خان چنه ، حافظ امداد، جمال الدين چنو ، بچل چنو ، عبد الله، جمالي ، قاسم رودناڻي ، عبدالڪريم جمالي ، مٺو خاصخيلي ، جلال بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي متاثرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 2022 جي هٿرادو ٻوڏ ۾ ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ ڇپر خان جمالي،بابو چنه،عبدالعزيز سولنگي وٽان لڳل هزارين فوٽن جا گهارا اڃاتائين بند ناهن ڪيا ويا، نتيجي ۾ ايم اين وي ڊرين ۾ چاڙه اچڻ سبب يوسي ڪمال خان جا 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين ۽ وونئڻن جو فصل لُڙهي ويو آهي، مال متاع روڊن رستن تي آهي، معصوم ٻارڙا اسڪول نه ٿا وڃي سگهن مگر ڪنهن کي به اسان جي پرواهه ناهي، هينئر تائين اهو به پڇڻ لاء ناهن آيا ته جيئرا آهيو يا مري ويا آهيو، هنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته ايم اين وي ڊرين جي مرمت ٿيڻ جي بهاني ساڍا اٺ ارب رپيا خرچ ڄاڻائي هڙپ ڪيا ويا آهن