ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جا 90 سيڪڙو علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن ميونسپل ڪارپوريشن پاران پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاء جاري ڪوششن جي باوجود مک رستن علائقن ۽ گھٽين ۾ پاڻي بيھڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي جڏهن ته تيز برسات گھرن ۽ ۾ برسات ۽ گٽرن جو پاڻي ڪاھڻ سبب اذيت ۾ مبتلا ميرپورخاص واسين کي حيسڪو ۽ سوئي گيس جي کاتن ٻيڻي ٽيڻي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي ميرپورخاص ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رھندڙ برسات ۾ بند ٿي ويل بجلي ھن وقت تائين مڪمل طور بحال نه ٿي سگهي آهي شھر جا مختلف علائقا ھن وقت تائين اونداهي ۾ ٻڏل آھن بجلي جي عذاب بعد شھرين لاء سوئي گيس به اڻ لڀ ٿي ويئي آهي شھر مختلف علائقن ۾ سوئي گئس جي فراھمي بند ھجڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻيل آهي جڏهن ته ساڍا چار ارب روپين کان وڌيڪ تعمير ٿيل سول اسپتال جي نئين بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب اسپتال جا مختلف وارڊ ۽ ايڊمن بلاڪ برسات ۾ ٽمڻ لڳو آهي ڇتين مان برسات جو پاڻي ٽمڻ سبب اسپتال ۾ داخل مريض سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي حوالي سان ميئر عبدالرئوف غوري چيو آهي ته برسات الله تعاليٰ طرفان هڪ امتحان هوندي آهي مسلسل 48 ڪلاڪ پوري شهر ۾ تيز برسات ٿيڻ بعد جلد ئي شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو