سنڌ حڪومت مين نارا ويلي ڊرين جا 14 کنڊ بند پئي ڪري: ڄام خان شورو

ڪراچي (رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ حڪومت مين نارا ويلي ڊرين جي 14 گهارن کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته  2022 ۾ پيل گهارن کي وفاقي حڪومت کي بند ڪرڻو هو، برساتون پئجي رهيون آهن، ايم اين وي ڊرين ۾ وڌيڪ گهارا پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪيئن آر بي او ڊي ون جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ کڻي جنهن تي سالن کان ڪم ناهي ٿيو. صوبائي وزير چيو ته واپڊا آر بي او ڊي ون جي سروي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي سمري موڪلي هئي آبپاشي کاتي پنهنجي فنڊن مان آر بي او ڊي ون جا گهارا بند ڪري رهيو آهي بل واپڊا وفاقي حڪومت کي ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.