قدرتي وهڪرن جي بحالي تائين سنڌ ٻوڏ جو شڪار رهندي: آبادگار اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته هلندڙ برساتن دوران ميرپورخاص،  ٽنڊومحمد خان، بدين، ٺٽي، سجاول، نوابشاهه، دادو، ميهڙ ۽ حيدرآباد سميت لاڙ پٽ جي مختلف علائقن ۾ سارين، وونڻن، سبزين ۽ ٻين ننڍن فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کان ويندي 2022ع جي برساتن جي تباهڪارين مان حڪمرانن سبق حاصل نه ڪيو آهي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ 2022ع جي برساتن جا متاثر اڃا تائين دربدر آهن، حڪومت وٽ پاڻي جي نيڪال جي لاءِ ڪا به رٿابندي نظر نٿي اچي، جيستائين پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي بحال نه ڪيو ويندو تيستائين برساتون هجن يا درياهه واري ٻوڏ سنڌ جو ڪو نه ڪو حصو ٻڏندو رهندو، ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته هلندڙ برساتون انتهائي خطرناڪ لڳي رهيون آهن، پاڻي جي نيڪال جو واحد حل قدرتي وهڪرن جي بحالي آهي. ترقياتي اسڪيمن جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻو پوندو. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ترقياتي منصوبن کي ماحولياتي تبديلين ۽ فطري طور طريقن سان جوڙيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.