ڪراچي (رپورٽر ) گهوٽڪي جي علائقي راونتي ۾ هٿيار بندن هٿان شهيد ٿيندڙ صحافي بچل گهنڃو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شعيب احمد،سينيئر صحافين خورشيد عباسي، ذوالفقار راڄپر، فقير سليم ، شبير لاشاري، بشير سنجراڻي، نصرﷲ جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحافين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ صحافين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي پر صحافين کي شهيد ڪندڙ مک جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي ، عزيز ميمڻ، جان محمد مھر، نصرﷲ گڏاڻي جي قتل کانپوءِ راونوتي ۾ گذريل ڏينهن محمد بچل گهنڃو کي بي رحمي سان سندس گهر آڏو شهيد ڪيو ويو پر پوليس مختلف جواز ڄاڻائي اڃا تائين قاتل گرفتار ناھي ڪري سگهي، احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته هن وقت تائين جيترا به صحافي شهيد ڪيا ويا آهن انهن جا مک قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن