فيض حميد جي مراد سعيد سان رابطن جي تصديق

اسلام آباد(عمران شفقت) فيض حميد ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتاريون ۽ انڪشاف،خبر موجب آءِ ايس آءِ جي گرفتار سربراهه جنرل(ر)فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو  عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ميجر جنرل جي اڳواڻي ۾ جاچ جاري آهي، فيض حميد کي مارڪٽ واري نوبت اڃا ناهي ٿي،ارشد شريف قتل ڪيس جي به هن کان جاچ جاري آهي،ميجر اويس ماضي ۾ فيض حميد جو اسٽاف آفيسر هو جنهن کي فيض حميد پي ڊي ايم حڪومت دوران وزيراعظم هائوس ۾ مقرر ڪرايو هو جيئن شهبازشريف جي جاسوسي ڪري سگهجي،ان وقت ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ هڪ آفيسر توقير شاهه جي به آڊيو ليڪ ٿي هئي،ان ميجر جي والد ريٽائرڊ برگيڊيئر کي به فيض حميد جيو ٽي وي چئنل ۾ رکرايو هو،فيض حميد نيٽ ورڪ ۾ شامل آءِ ايس آءِ جو سول ملازم ارسلان ستي هڪ سيف هائوس ۾ رکيل آهي،جنهن پشاور ۾ شهيد ارشد شريف کي دبئي موڪلڻ ۾ مدد ڪئي هئي،هڪ ٻئي جوابدار رحمت کي اداري کان فارغ ڪيو ويو آهي فيض حميد کي تحريڪ انصاف جي تحريڪ ۾ هڪ لاش جي ضرورت جي پيش نظر ارشد شريف کي قتل ڪرايو،فيض حميد جي پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ مراد سعيد سان رابطن جي به تصديق ٿي چڪي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.