ٽنڊو محمد خان ۾ نينگر مبينا بدفعلي بعد قتل ،شڪ جي بنياد تي 2 جوابدار گرفتار

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ ؛ اويس حيدر شورو  ) ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي پٽڳاهي پاڙي حبيب ٽائون ۾ وحشي درندن ٻن ڄڻن 13 سالن جي نينگر اڪرم ملاح ولد خميسو ملاح کي مبينا طور بدفعلي جو  نشانو بڻائي مارڪٽ تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ معصوم نينگر اسپتال پهچڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو ، نينگر جي لاش کي سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪاروائي جي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارث لاش کي سرڪاري اسپتال مان پنهنجي گهر کڻائي آيا ، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ، هر طرف اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ويون ، مبينا طور قتل ٿي ويل 13 سالا نينگر اڪرم ملاح جي والد خميسو ملاح ڄاڻايو آهي ته منهنجي معصوم مستاني پٽ اڪرم ملاح کي اسان جي ٽائون جي اوباش نوجوانن جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي تشدد ڪيو جنهن کانپوءِ اسان نينگر کي اسپتال پهچايو جتي هو فوت ٿي ويو آهي ، اسان پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس 2 وحشي صفت نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، ايس ايڇ او بي سيڪشن ظهور نوناري جو چوڻ آهي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اصل حقيقت ظاهر ٿي سگهندي ، نينگر جي وارثن قتل جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جنهن جي ڪري پوليس ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنيادن تي حراست ۾ ورتو آهي تدفين کانپوءِ وارث ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا ، معلوم ٿيو آهي ته پوليس ٻن ڄڻن اعجاز ڳاهو ۽ وسيم ڳاهو کي شڪ جي بنيادن تي حراست ۾ وٺي ڪا به گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.