رياست پاڻ بلوچستان ۾ حالتون خراب پئي ڪري،فوجي آپريشن حل ناهي: امداد قاضي

جعفرآباد(ن ع آ) بلوچستان جو مسئلو سياسي، معاشي ۽ سماجي آھي. فوجي ناھي ۽ فوجي آپريشن سان حل نه ٿيندو. انھن مسئلن کي حل ڪري ئي بلوچستان ۾ امن قائم ڪري سگھبو. فوجي طور تي ته ھن کي 4 دفعا پھرين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ھاڻي به 18 سالن کان فوجي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇا مسئلو حل ٿيو آھي. اھي ڳالھيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي پريس ڪلب ۾ شهيد نذير عباسي جي ياد۾ ليفٽ ورڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيون. ھن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو بلوچستان آھي ۽ اسمگلنگ سان روزانو اربين رپين جي ڪمائي گڏ ٿيندي آھي. انھي ڪري رياست حالتون خراب ڪري سيڪيورٽي فورسز کي بلوچستان ۾ رکڻ چاھي ٿي عوام جي حقيقي نمائندن کي اقتدار جي منتقلي ڪري  ايجنسين جي مداخلت  روڪي وڃي بلوچستان جي وسيلن کي سردارن ۽ جنرلن جي ملڪيت وڌائڻ بدران عام عوام جي حالتن کي بدلائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ سان حالتون بھتري جي طرف وڃي سگھن ٿيون،هن چيو ته اشرافيه سموري ملڪ جي عوام کي مھانگائي ۽ بيروزگاري جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان لکن جي تعداد ۾ ملڪ ڇڏي رھيا آھن. بجلي جا بل ڏسي عام ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن. پروفيسر منور ٽالپور چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي شهيد قومي استحصال ، جبر ۽ محنت ڪش طبقن جي استحصال کان نجات لاءِ وڙھندي پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو. اسانکي استحصالي نظام کي ختم ڪري سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻو پوندو. نيڪ محمد ڪاڪڙ چيو ته قومي ۽ طبقاتي مسئلا پ پ، ن ليگ، عمران يا ڪنھن قوم پرست پارٽي کان حل نه ٿيندا. اھي سوشلسٽ انقلاب سان ئي حل ٿيندا. ڪامريڊ اقبال چيو ته مظلوم قومن ۽ طبقن کي متحد ٿي انھن حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انقلابي طبقاتي جدوجھد ڪرڻي پوندي. فرھاد رند پنھنجي خطاب ۾ چيو ته برساتي رستن تي قبضا ٿي ويا آھن سمورو نصيرآباد برساتي پاڻي سان ٻڏي ويو آھي، انھي کان سواءِ ڪامريڊ فائزہ فرھاد رند، فضيلا صديق بلوچ ۽ ٻين مقررن ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي جدوجهد تي روشني وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.