ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 29 ڄڻا فوت ، هڪ زخمي

لاهور( بيورو+م ڊ ) ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 29 ڄڻا فوت  ٿي ويا،  هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو،  اطلاع تي ريسڪيو  ٽيمن ۽ پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو،  ڪوچ  ۾ آزاد ڪشمير  واسي 30 مسافر سوار هئا، حادثي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. فوتين جو تعلق آزاد ڪشمير جي علائقي پلندري جي مختلف علائقن سان آهي، جن مان اڪثريت هڪ عرس لاءِ آزاد پتن وڃي رهيا هئا.ٻئي پاسي حادثي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.