ڪراچي (رپورٽر ) ڊيفنس فيز 5 بدر ڪمرشل اسٽريٽ 10 ۾ واقع هڪ خانگي ريسٽورنٽ جي ڪيشيئر ٻئي ڪيشيئر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي سڃاڻپ 42 ورهين جي سهيل دانش ولد هارون رشيد طور ٿي آهي. مقتول سهيل دانش خانگي ريسٽورنٽ ۾ ڪيشيئر طور ڪم ڪندو هو ،ايس ڊي پي او درخشان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو صبح ساڍي 6 وڳي پيش آيو، ريسٽورنٽ جي ڀرسان هڪ ٻي عمارت ۾ رهندڙ هڪ ڪيشيئر ذوالفقار سهيل دانش کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اڳ مقتول سهيل دانش ۽ جوابدار ذوالفقار وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن بعد هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. مارجي ويل سهيل دانش جو تعلق ڪوهاٽ سان ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته جوابدار ذوالفقار جو تعلق نوابشاهه سان آهي. هن چيو ته مارجي ويل سهيل دانش کي جسم جي مختلف حصن تي 4 گوليون لڳيون آهن، هن چيو ته فائرنگ جو واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو، پوليس واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فوٽيج سميت سمورا ثبوت گڏ ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.