پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري، ڪراچي مان 4 مهينا اڳ گم ٿيل نياڻي  سويرا چانڊيو، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم صدام لاشاري جي بازيابي ۽ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي، سينئر صحافي جان محمد مهر جي مک قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري ۾ معصوم نياڻي سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا چانڊيو، جيڪب آباد مان اغوا ٿي ويل نويد لاشاري جي ڀاءُ وحيد لاشاري، لياقت جلباڻي، سهڻي پارس، يونس مهر، ڊاڪٽر برما جسراڻي ۽ ٻين مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته 3 سال گذري ويا آهن هن وقت تائين معصوم پريا ڪماري بازيابي نه ٿي سگهي آهي، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل  نويد لاشاري کي هن وقت تائين پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، 4 مهينا اڳ ڪراچي مان گم ٿي ويل معصوم نياڻي سويرا چانڊيو کي پوليس نه ڳولي سگهي آهي، سنڌ اندر روز بروز امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي ٿي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.