خيرپور/بهارو (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+جاويد پنهور) بھارو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لعل بخش ڀٽيءَ ۾ ڀٽيءَ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخميءَ ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ صادق ڀٽيءَ، ھڪ واٽھڙو چنگچي رڪشا ڊرائيور عامر جويو ٿڏي مارجي ويا، ھوڏانھن ٻي ڌر جو قيوم ڀٽي مارجي ويو، جڏهن ته محبت ڀٽيءَ ۽ رفيق ڀٽيءَ زخميءَ ٿي پيا، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو واقعي جو نوٽيس ورتو، ڊي ايس پي گمبٽ کي سب ڊويزن جي سموري نفري سميت بهارو پهچڻ جي هدايت ڪندي علائقي ۾ تڪرار تي ڪنٽرول ٿيڻ تائين پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي