ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي خاران مان پوليو جي وڌيڪ هڪ ڪيس جي تصديق کانپوءِ هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ 15 ٿي ويو آهي.سرڪاري عملدارن موجب انهن مان 12 ڪيس بلوچستان مان رپورٽ ٿيا، جڏهن ته متاثر ٻارڙن مان 3 فوت ٿي چڪا آهن.2023ع کان اڳ 28 مهينن تائين بلوچستان ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس سامهون نه آيو هو، جنهن سبب اختيارين اهو ٻڌائيندا رهيا ته پوليو جو خاتمو ويجهو اچي ويو آهي.جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هن سال بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.بلوچستان ۾ پوليو جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر انعام الحق جو چوڻ آهي ته ”ٻين سببن ۾ ڪجهه والدين پوليو ورڪرن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا.بلوچستان مان هينئر تائين رپورٽ ٿيل آخري ڪيس خاران ضلعي مان 3 ڏينهن اڳ سامهون آيو هو. هن ضلعي جي هڪ 23 مهينن جي ٻارڙيءَ پوليو جو شڪار ٿي وئي. بلوچستان جي 8 ضلعن مان هينئر تائين پوليو ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي، بلوچستان جي ڪوآرڊينيٽر انعام الحق پوليو وائرس جي روڪٿام ۽ پوليو ڪيسن ۾ واڌ جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بلوچستان ۾ پوليو مهم دوران ڪوئيٽا بلاڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا جعلي ڦڙا پيارڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، هن چيو ته جعلي ويڪسينيشن تي ڪوئيٽا بلاڪ ۾ 500 پوليو ورڪرز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته جعلي ويڪسينيشن ثابت ٿيڻ تي 74 پوليو ورڪرز کي برطرف ڪيو ويو.