ڪي اين شاهه: ڪاڇي ۾ معمولي ڳالهه تان ڳوٺاڻو قتل

خيرپور ناٿن شاھه (رپورٽ: ارشد علي ٻگهيو) ڪاڇي جي علائقي ڳوٺ مري جا کوھه ۾ معمولي ڳالھه تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 40  ورھين جو علي اصغر کوسو ٿڏي تي مار جي ويو ، جڏهن ته 60 ورھين جو نظام الدين کوسو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس اطلاع  ملڻ تي پھچي لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال خيرپور ناٿن شاھه کڻائي آئي، زخمي جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي نيو ويو، جڏهن ته لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.