ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي، متاثر 14 ورهين جي ٻار جو واسطو ڪوئيٽا سان آهي. سڄي صوبي ۾ هلندڙ سال ڪانگو سبب متاثر ماڻهن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس ۾ مبتلا 14 ورهين جي مريض کي ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته هن وقت تائين 5 مريض فوت ٿي چڪا آهن.