ايڪس جي بندش، گهرو سيڪريٽري ۽ پي ٽي اي چيئرمين طلب

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي آءِ ٽي ڪميٽي  ملڪ ۾ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس جي بندش تي گهرو سيڪريٽري ۽ پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين کي طلب ڪري ورتو.سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن انوشه رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايڪس جي بند معاملي تي غور ڪيو ويو.سينيٽر افنان الله خان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ ايڪس ڇو بند آهي؟ بند هجڻ سان ملڪ جو اميج خراب ٿي رهيو آهي.پي ٽي اي جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڪس کي گهرو وزارت جي حڪم تي بند ڪيو ويو، گهرو وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي، جڏهن ته ايڪس جي پليٽ فارم ٻاهر آهي، ايڪس عملدارن کي نوٽيس موڪليون ٿا پر ان تي ڪو عمل نه ٿو ڪيو وڃي.ڪميٽيءَ چيئرپرسن انوشه رحمٰن چيو ته پي ٽي اي وٽ ڪجهه بلاڪ ڪرڻ ڪيپيسٽي ناهي، پي ٽي اي گهرو وزارت جي حڪم تي عمل ناهي ڪيو اسين گهرو سيڪريٽري کان گهرائي پڇون ٿا.هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ به ايڪس هلي رهيو آهي، ڪميٽي ايڪس جي بندش تي گهرو سيڪريٽري ۽ چيئرمين پي ٽي اي کي طلب ڪري ورتو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.