پني عاقل مان ڳوٺاڻو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، 50 لک طلب

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل مان ڳوٺاڻو پراسرار نموني گم ٿي ويو، عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي،  پنوعاقل مان ھمراھه عورتاڻي آواز تي مبينا طور ھرکجي اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جن جي وارثن کي ڀنگ لاءِ فون ڪئي وئي آھي، پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ مزن انڍڙ واسي علي گل انڍڙ ھڪ ھفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي جنهن متعلق مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ جا چوٻول ھلندڙ آھن ذريعن جو چوڻ آھي ته ڏوھارين پاران مغوي جي وارثن کي ڀنگ لاءِ فون ڪئي وئي آھي وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.