ڊجيٽل دور ۾ غلط ۽ جعلي خبرن مان خطرا آهن: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن سان ملاقات ۾ ڊجيٽل دور ۾ غلط ۽ جعلي خبرن جي خطرن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شاگرد ذاتي تجربن جي بنياد تي پنهنجي راءِ قائم ڪن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب هارورڊ بزنس اسڪول جي 44 شاگردن جي وفد آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ جنرل عاصم منير تعليم جي اهميت، مثبت سوچ ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي اجاگر ڪيو، جنهن دوران پاڪستان جي مختلف معاملن، علائقائي امن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سربراهه پاڪستان جي وسيع صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته وفد جا ميمبر ذاتي تجربن جي روشني ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪن.آرمي چيف جنرل عاصم منير ڊجيٽل دور ۾ غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي خطرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن تعميري گفتگو جو موقعو ڏيڻ تي آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.