ڪراچي ( رپورٽر ) آل اسٽوڊنٽس ميل ڪاليج آف نرسنگ لياري جي شاگردن پاران صحت کاتي جي سيڪريٽري جي پاليسين ۽ شبانا بلوچ جي ٻيهر پرنسپال طور مقرري خلاف نور خان، نبيل ۽ طاهر خان جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . اڳواڻن چيو ته شبانه بلوچ کي ڪرپشن، وظيفن ۾ گهوٻين ۽ نرسنگ جي شاگردن تي تشدد ڪرائڻ سبب معطل ڪيو ويو هو پر ٻيهر ان کي مقرر ڪيو ويو آهي۽ شبانه بلوچ کي رشوت عيوض ٻيهر مقرر ڪري شاگردن ۾ بيچيني پيدا ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پرنسپال شبانه کي برطرف ڪري ان جي جاءِ تي مرد پرنسپال مقرري ڪيووڃي ۽ لياري نرسنگ ڪاليج جي انتظاميه ۽ ليڪچرارن کي ڌمڪيون ڏيئي ڊيڄاريندڙ بينظير ميڊيڪل ڪاليج ۽ لياري جنرل اسپتال جي مافيا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي, احتجاج ڪندڙ نرسنگ جي شاگردن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن جائز مطالباپورا ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.