اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ، 2 ٻار قتل، 5 زخمي

لاهور (م ڊ) اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ ۾ 2 ٻار مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا. ريسڪيو عملدارن موجب ڍيري ڪوٽ ۾ اڻڄاتل  ماڻهن اسڪول وين تي فائرنگ ڪئي. اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي مارجي ويل ٻارن ۽ زخمين کي اسفند يار ولي اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو  عملدارن ٻڌايو ته ٻارن جون عمريون 5 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهن، فائرنگ ۾ وين جو ڊرائيور به زخمي ٿيو. صدر آصف علي زرداري به اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ ظالماڻو ۽ شرمناڪ فعل آهي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به ڏک جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته شاگردن جي رت سان هٿ رڱينديندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، زخمين کي بهترين علاج جي سهولت ڏني وڃي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنير راولپنڊي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.